پشاور(م ڊ)عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو طالبان کي آباد ڪرڻ بابت اعتراف منهنجي موقف جي تصديق آهي،هڪ بيان ۾ ايمل ولي چيو ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طالبان جي ٻيهر آبادڪاري ۽ 102 قيدين جي آزادي وارو معاهدو به ظاهر ڪري، 40 هزار سرڪاري مهمان آندا ويا، قوم کي اصل حقيقتون ٻڌايون وڃن، ايمل ولي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جو تقاضو آهي ته سهولتڪار کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي، خيبر پختونخوا کي انهن ئي قوتن برباد ڪيو، جيڪي طالبان جي آبادڪاري ۾ ملوث رهيون، اي اين پي جي مرڪزي صدر جو چوڻ هو ته جيڪا پارٽي جا ڪارڪن مون کيڪالهه گاريون ڏيندا هئا، اهي اڄ منهنجي موقف جي تصديق ڪري رهيا آهن.