عدليا جو زوال آهي،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مداخلت سبب عهدو ڇڏيم:جسٽس(ر)آغا رفيق

دبئي(ڪامران خان)وفاقي شريعت عدالت جي اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس(ر) آغا رفيق چيو آهي ته پراڻي زماني ۾ عدالتن جو حال ڀلو هو،ماتحت عدليه ۾ ٻن ڏينهن ۾ ئي ڪيس جو فيصلو اچي ويندو هو،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته ڀٽو صاحب جي زماني ۾ قانوني سڌارا آيا هئا ان ۾ ڪيپيٽل پروسيجر ختم ڪيو ويو،1974ع کان اڳ جو دور موجوده وقت کان بهتر هو. ان کان پوءِ ڪيس سالن تائين هلڻ لڳا، انصاف جي رفتار انتهائي سست ٿي وئي،هن چيو ته مثال طور، منهنجو پنهنجو ڪيس 1995ع کان اڃا تائين هلندڙ آهي. مان چيف جسٽس به رهي چڪو آهيان، پر منهنجي ذاتي ڪيس جو فيصلو ناهي ٿيو  ته پوءِ عام ماڻهو سان ڇا ٿي رهيو هوندو؟هن چيو ته مان ڀٽو دؤر ۾ سِول جج مقرر ٿيس. بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي لاءِ منهنجو نالو ويو، پر سجاد علي شاهه، جيڪو منهنجو دوست هو، منهنجي مقرري کي روڪي ڇڏيو ته مان جونئير آهيان. مان اڳتي هلي لا سيڪريٽري ۽ پوءِ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيس.هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته مون کي آصف علي زرداري فيڊرل ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سوال تي هن چيو ته هو پڙهيل، اصولي ۽ ذهين جج هو. پر هن جو دؤر به تڪراري بڻجي ويو. مون کي نه پيو لڳي ته ڪنهن به چيف جسٽس جي دؤر ۾ ڪو واضح عدالتي سڌارو آيو هجي. هن وقت به عدليه زوال ڏانهن وڃي رهي آهي،ڪو به سڌارو نظر نه پيو اچي،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ بابت سوال تي هن چيو ته مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ صوبو سنوارڻ جي نيت سان عهدي قبول ڪيو. رپورٽن موجب SPSC ۾ ڪرپشن عروج تي هئي. مان پنهنجن ٻارن کي امتحان ڏيڻ به نه ڏنو ته ڪو نالو خراب نه ٿئي. مان آءِ ڪيو (IQ) ٽيسٽ ۽ ريٽن امتحان لازمي ڪيا، جنهن جي ڪري وڏن وڏن ماڻهن جا اميدوار ناڪام ٿيا ۽ مان سياسي طور ناپسنديده بڻجي ويس.اداري وٽ نه مالي اختيار هئا، نه انتطامي. مان ڪنهن ملازم کي هٽائي به نه ٿي سگهيس. مان محسوس ڪيو ته مان اڪيلي سر نظام نه بچائي سگهندس، تنهن ڪري استعيفيٰ ڏني،هن چيو ته بينظير ڀٽو تي ڪار ساز حملي کان پوءِ مون ئي اهو ڪيس رجسٽر ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو. ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اسسٽنٽ جنرل پاڻ پيش ٿيا ۽ مون تي دٻاءُ وڌو ته ڪيس بند ڪجي. مون آرڊر ڏنو ته ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، پر فوراً هاءِ ڪورٽ اسٽَي ڏئي ڇڏيو پوءِ منهنجو حڪم بحال ٿيو ۽ ڪيس رجسٽر ٿيو،هن چيو ته آصف علي زرداري سان 60 جي ڏهاڪي کان دوستي هئي. هو ننڍپڻ کان بزنس ٽائيپ هو، هميشه تعميراتي منصوبن ۾ دلچسپي ورتائين. مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو صدر پاڪستان بڻجندو ۽ مون کي حلف وٺرائيندو.مون کي افسوس آهي ته اسان جي دوستي جي آخر ۾ بدمزگي ٿي. مون رڳو ميرٽ تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي نيت نيڪ هئي، پر مان سسٽم کي نه بچائي سگهيس،هن چيو ته عدليه، سياستدان، ۽ سڀ اسٽيڪ هولڊرز گڏ ويهي ملڪ لاءِ رٿابندي ڪن. عدليه جو نظام ٺيڪ ٿيندو ته ملڪ به ٺيڪ ٿيندو. پارليامينٽ کي به عدليه جي مقررين ۾ شفافيت آڻڻ گهرجي، پر اهو نظام ووٽن جي سياست هيٺ اچي ويو آهي،اميد رکڻ گهرجي، مثبت سوچ رکڻ گهرجي. جيڪڏھن صحيح اليڪشن ٿئي، صحيح نمائندا اچن، ته سڌارا ممڪن آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.