معاشرو خراب ٿيندو! جڳ مشهور پاڪستاني ڊرامن تي پنهنجي ئي اداڪارا جي سخت تنقيد

ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ ٻيهر ورجائي ويندڙ موضوعن ۽ غير حقيقي بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اداڪارا صحيفه جبار نشاندهي ڪئي ته ڊرامن ۾ زبردستي شاديون ڪرائڻ، گهريلو تشدد ۽ عورتن کي حد کان وڌيڪ ميڪ اپ ۽ سون ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو جيڪو حقيقتن جي ابتڙ آهي.

هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه نه رڳو حقيقتن کان پري آهي پر معاشري ۾ غلط تصور کي فروغ ڏئي رهيو آهي. اداڪارا سوال اٿاريو ته آخر اهي غيرحقيقي ۽ نقصان ڏيندڙ رجحاڻ ڪڏهن ختم ٿيندا يا اهڙا سلسلا اهڙي ئي ريت ڏسندڙن جي ذهنن کي متاثر ڪندا رهندا؟

صحيفه جو چوڻ هو ته اسان جي ڊرامن کي معاشري جي هاڪاري عڪاسي ڪرڻ گهرجي، انهن جي نه جيڪي ذهنن کي وڌيڪ خراب ڪن. جيستائين تخليقي ٽيمون ۽ پروڊيوسر نئين حقيقي موضن ڏانهن نه ايندا تيستائين ڊراما انڊسٽري ۾ بهتري نه ايندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڀ ڊراما هڪ جهڙا ئي ٺهي رهيا آهن يا زبردستي شاديون ٿين ٿيون يا زبردستي محبت ٿئي ٿي يا وري ڪا سَسُ ظلم ڪري رهي آهي. ان سوال اٿاريو ته اهو سڀ ڪجهه ريٽنگ وڌائڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي يا معاشري کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي لاءِ؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.