چوماسي هوائون شدت اختيار ڪرڻ لڳيون، وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي دوران چوماسي هوائن جي شدت ۾ واڌ ۽ 27 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، 27 کان 30 جولاءِ دوران ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه جو خطرو رهندو، جڏهن ته خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري جو امڪان آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي 28 کان 31 جولاءِ دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ به ڪڪر وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته برساتن سبب راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته مسافرن ۽ سياحن کي زميني سلائيڊنگ ۽ ڪمزور انفرااسٽڪرچر وارن علائقن ۾ نقصان ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.