گهوٽڪي: ٽڪ ٽاڪر ثميرا ملڪ جو لاش هٿ، وارثن طرفان قتل جو شڪ، ٻه ڄڻا گرفتار

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ٽڪ ٽاڪر ثميرا ملڪ جو لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
گهٽوڪي جي ٽڪ ٽاڪر سميرا جو لاش گهر مان هٿ آيو آهي.
ڊي ايس پي انور شيخ موجب، سميرا جي 15 سالن جي ڌيءَ بيان ڏنو آهي ته ڪجهه ماڻهو زبردستي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا ۽ منهنجي ماءُ کي زهر جون گوريون ڏئي قتل ڪيو ويو.
پوليس جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ايم ايس ڊاڪٽر سرونند موجب، شروعاتي رپورٽ ۾ تشدد جا ثبوت نه مليا آهن، نمونا ليبارٽري موڪليا ويا آهن ۽ رپورٽ اچڻ کانپوءِ موت جو سبب معلوم ٿيندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿيو آهي ۽ جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.