ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان مُلڪ جي آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايندڙ مهيني آزادي ڏهاڙي ۽ ” معرڪاءِ حق“ جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته 14 آگسٽ ۽ معرڪاءِ حق جي حوالي سان تقريبون سنڌ حڪومت جي ويزن جون عڪاسي ڪن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته هن سال آزادي ڏهاڙو حب الوطني، قرباني، يڪجهتي ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائي ويندو.