آمريڪا، ڪيوبا ۽ ڪولمبيا مان منشيات ڪراچي ڪيئن پهچي ٿي؟دنگ ڪندڙ تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪراچيءَ ۾ به منشيات جو ڌنڌو زور شور سان هلي رهيو آهي.
منشيات فروشي عالمي سطح تي اربين ڊالرن جو موتمار ڪارو ڌنڌو آهي، جنهن سان لاڳاپيل مافيا ايتري وڏي ۽ بااثر آهي، جو جديد ترين ٽيڪنالوجي، اڻ کٽ مالي وسيلن ۽ انڌي طاقت رکندڙ رياستون به ان جي روڪٿام ۾ ناڪام آهن.
ملڪ جي ٻين شهرن جيان هن وقت ڪراچيءَ ۾ به منشيات جو ڌنڌو زور شور سان هلي رهيو آهي، پر سوال اِهو آهي ته اربين رپين جي منشيات آخرڪار ڪراچي پهچي ڪيئن ٿي؟

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ذريعن موجب، منشيات جا سمگلر افغانستان رستي منشيات پهريان خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن تائين پهچائين ٿا ۽ پوءِ اها کِيپ حب ذريعي ڪراچي منتقل ڪئي وڃي ٿي.
ڊرگ ڊيلر ڪاري ڌن سان جڙيل هن ڪاروبار لاءِ ايران، ڪيوبا، ڪولمبيا ۽ آمريڪا کي به استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪارروائيون به ڪن ٿا، منشيات جون کِيپون به پڪڙيون وڃن ٿيون، جوابدار گرفتار ٿين ٿا ۽ منشيات فروشي جو زور عارضي طور ٽٽي ٿو، پر ڪجهه وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.