هن دفعي آزاديءَ جو ڏهاڙو حب الوطني، قرباني، ايڪي ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائينداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان مُلڪ جي آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايندڙ مهيني آزادي ڏهاڙي ۽ ” معرڪاءِ حق“ جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته 14 آگسٽ ۽ معرڪاءِ حق جي حوالي سان تقريبون سنڌ حڪومت جي ويزن جون عڪاسي ڪن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته هن سال آزادي ڏهاڙو حب الوطني، قرباني، يڪجهتي ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.