واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪران طرفان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو .
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”ايمانوئل ميڪران جو اهو فيصلو صرف ۽ صرف حماس جي پروپئگينڊا کي هٿي ڏئي ٿو.“
مارڪو روبيو چيو ته ”آمريڪا گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ بابت ايمانوئل ميڪران جي منصوبي ۽ فيصلي کي سختي سان رد ڪري ٿو. “
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن چيو چيو ته ”اهو غير ذميواراڻو فيصلو صرف حماس جي پروپئگينڊا کي هٿي ڏيندو ۽ بدامني ۾ وڌائيندو، هي فيصلو 7 آڪٽوبر واري حملي جي متاثرن جي منهن تي چماٽ آهي.“
واضح رهي ته فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪران ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته فرانس طرفان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو باظابطا اعلان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪندو ويندو.
سندس چوڻ هوته اسان کي ترت جنگبندي، سڀني يرغمالين جي آزادي ۽ غزا جي ماڻهن لاءِ وڏي پئماني تي انساني امداد جي ضرورت آهي.
ميڪران لکيو ته اسان کي اِهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته حماس هٿيار ڦٽا ڪري، غزا کي محفوظ بڻايو وڃي، ان جي نئين سر اڏاوت ڪئي وڃي ۽ نيٺ اسان کي فلسطين رياست قائم ڪرڻي پوندي.
فرانسيسي صدر جو وڌيڪ چيو ته فرانس جو عوام وچ اوڀر امن چاهي ٿو ۽ اسان جي ذميواري آهي ته اسرائيلي، فلسطيني ۽ پنهنجي يورپي ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن سان گڏجي اهو ثابت ڪريون ته امن ممڪن آهي.