قطر ۾ غزا جنگبندي بابت ڳالهيون، آمريڪا ۽ اسرائيل پوئتي هٽي ويا

دوحا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ۽ آمريڪي نمائندن قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ غزا ۾ جنگبندي بابت ٿيندڙ ڳالهين تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته واشنگٽن حماس تي ”سٺي نيت سان ڪم نه ڪرڻ“ جو الزام مڙهيو آهي.
بي بي سي موجب، آمريڪا جي خاص نمائندي اسٽيوا وٽڪوف هڪ بيان ۾ چيو ته ”حماس جي تازي ردعمل کانپوءِ اسان صلاح مشوري لاءِ پنهنجي ٽيم کي دوحا مان واپس گهرائڻ جو فيصلو آهي، جنهن سان واضح طور تي غزا ۾ جنگبندي جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندو.“
حماس طرفان ان معاملي ڪنهن به قسم جو تبصرو ناهي ڪيو ويو ، جڏهن ته ٽياڪڙي ڪرائيندڙ سميت ڳالهين ۾ شامل سڀئي ڌريون تسليم ڪن ٿيون ته اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه اڃا ٿيڻ اڃا باقي آهي.
وٽڪوف چيو ته ”جيتوڻيڪ وچ ۾ پيل ڌريون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي، پر حماس سٺي نيت سان ڪم ڪندي نظر نه ٿي اچيم هاڻ اسان يرغمالين کي وطن واپس آڻڻ ۽ غزا جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ مستحڪم ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ متبادل آپشنز تي غور ڪنداسين.“
وٽڪوف جو چوڻ هو ته ”اِها شرم جوڳي ڳالهه آهي ته حماس ايتري خود غرضي سان ڪم ڪري رهي آهي، اسان هن تڪرار جي خاتمي ۽ غزا ۾ مستقل امن جا خواهشمند آهيون.“

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو اڃا تائين ان معاملي تي عوامي طور تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو ته اسرائيلي وفد واپس ڇو وڃي رهيو آهي.
ان ڏس ۾ هڪ سينيئر اسرائيلي اهلڪار، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ” ڳالهين واري عمل ۾ ڪو خلل ناهي پيو“
واضح رهي ته دوحا ۾ قطر ۽ مصر جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهين جو تازو دور ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي.
هواڏنهن گڏيل قومن جي جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا) چيو آهي ته غزا شهر ۾ هر پنجن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي ۽ اهڙن ڪيسن ۾ روزانو واڌ ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.