ڊجيٽل فراڊ جا نت نوان طريقا، غيرقانوني ڪال سينٽرن جو انگ وڌڻ لڳو…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ” آن لائين فراڊ “ جون پاڙون هاڻي ڪراچيءَ ۾ به پکڙجڻ لڳيون آهن، انهيءَ قسم جي فراڊ ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ڪال سينٽرن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جن کي عام ٻوليءَ ۾ ”ڊبو“ چيو وڃي ٿو”
ميڊيا رپورٽن موجب، هي آن لائين اسڪيمينگ جو اهو قسم آهي جنهن ذريعي پرڏيهي شهرين سان ڪروڙين ڊالرن جو فراڊ ڪيو پيو وڃي.
ملڪ کي بدنام ڪندڙ هي غيرقانوني ڪم، ڪال سينٽرن جي آڙ ۾ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب قانوني طور ڪم ڪندڙ ڪال سينٽر ۽ سافٽ ويئر هائوسز به شڪ جي دائري ۾ اچي ويا آهن.
هي آن لائين اسڪيمينگ جو اهڙو قسم آهي جنهن ذريعي ڊارڪ ويب ۽ غيرملڪي شهرين کان آن لائين ڊيٽا خريد ڪري واهپيدارن سان ڪروڙين ڊالرن جو فراڊ ڪيو پيو وڃي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي سافٽ ويئر هائوس يا ڪال سينٽر ۾ نوڪريءَ جو ڏٽو ڏيئي ” آن لائين فراڊ “ جي ڪم تي لڳايو وڃي ٿو ۽ هوءَ اڻڄاڻائي ۾ اهڙين ٺڳن جا سهولتڪار بڻجي وڃن ٿا.
ٻئي پاسي آن لائين ٺڳي جي وڌندڙ ڪاروبار جي روڪٿام لاءِ پوليس، ايف آءِ اي ۽ اين اين ايف سميت لاڳاپيل ادارن طرفان جا جوڳا قدم ناهن کنيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.