مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) جسقم جي اڳوڻي ضلعي صدر شھيد مشتاق خاصخيلي جي 16ھين ورسي جي موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پارٽي اڳواڻن ۽ شھيد جي ڀائرن سان گڏ پھچي سندس آخري آرام گاھ مڪلي تي چادر چاڙھي دعا گھري. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ھِن وقت گھڻ رخي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، زمين تي والار ۽ سمنڊ تي پڻ قبضو ٿي رھيو آھي، سنڌي ماڻھن لاءِ صنعتي ادارن ۾ روزگار جا دورازا بند ڪيا ويا آھن، پريا ڪماري کي 4 سال گذري ويا آھن پر اڃان تائين معصوم نياڻي بازياب ناھي ٿي سگھي، معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري لاش ڏنا ٿا وڃن، سنڌ اندر لاقانونيت ۽ بدامني جو راڄ آھي، سنڌ جي ماڻھن کي سموري ظلم خلاف بي ڌڙڪ ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي سرور خشڪ، غلام حسين خاصخيلي، غلام نبي کٽي، انعام سيال، اسد گوپانگ، نواز بروھي، انور جاکرو، ڏونگر ڀنڀرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.