ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف نيب انڪوائري ختم ڪري ڇڏي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن خلاف نيب انڪوائري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران، عدالت نيب انڪوائري خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو۔ نيب امتحانن سان لاڳاپيل انڪوائري نٿو ڪري سگهي ۽ نيب کي اختيارن جي ناجائز استعمال جي جاچ ۾ به ڪرپشن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن اهڙيءَ ريت ڪو به ڪنهن خلاف شڪايت ڪري، ته ڇا نيب پوري پاڪستان خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏيندو؟ قانون مطابق امتحانن جي مارڪ شيٽس کي تحفظ حاصل آهي، نيب انهن جي جاچ پڙتال نٿو ڪري سگهي،نيب جي جاچ آفيسر چيو ته نيب وزيراعظم خلاف جاچ نٿو ڪري سگهي، ڇو ته قانون مطابق وزيراعظم ۽ صدر کي قانوني تحفظ حاصل آهي، عدالت سوال ڪيو ويو ته ڇهه سالن ۾ نيب جوابدارن خلاف ڪهڙو مواد گڏ ڪيو آهي؟ جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته مونکي جنوري 2025ع ۾ اها انڪوائري ملي، وائٽ ڪالر ڪرائيم جي جاچ ۾ وقت لڳندو آهي، جوابدارن کي جاچ لاءِ نوٽيس موڪليو ويو ته هو عدالت هلي آيا، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ۾ ئي جوابدارن خلاف انڪوائري بند ڪري چڪي آهي، نيب وڌيڪ جاچ نٿو ڪري سگهي، ايئن ته ڪٿي به نٿو ٿئي جو 10، 10 سال هڪ ڪيس جي جاچ ۾ لڳي وڃن، جاچ سآفيسر چيو ته نيب جي هر هڪ آفيسر وٽ 20، 20 انڪوائريون آهن، تنهن ڪري جاچ ۾ وقت لڳندو آهي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن شخص سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن خلاف شڪايت ڪئي، ان کان نه ته سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ورتي وئي ۽ نه ئي ڪو حلف نامو ورتو ويو، واضح رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين نيب انڪوائري خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.