پاڪستان ۽ افغانستان جا وڌندڙ واپاري لاڳاپا

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ هميشه لاهه چاڙهه جو شڪار رهي آهي، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي ٻئي پاڙيسري اسلامي ملڪ هڪ ٻئي تي معاشي طور تي دارومدار رکن ٿا ۽ انهن جي مفادن ۾ به ڀاڱي ڀائيواري موجود آهي.افغانستان، جيڪو سالن کان جنگ ۽ افراتفري جو شڪار رهيو آهي، هاڻ آهستي آهستي امن ۽ استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ۽ اهڙي وقت ۾ پاڪستان ان جي معاشي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

مالي سال 2024-2025 دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري مقدار ۾ نمايان واڌ ڏٺي وئي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ٻن طرفي واپار ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا گذريل سال 1.6 ارب آمريڪي ڊالرن مان وڌي لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي. پاڪستان جون افغانستان ڏانهن برآمدات 31 سيڪڙو وڌي 1.39 ارب ڊالر تائين پهتيون آهن. انهن برآمدات ۾ کنڊ، دوائون، سيمينٽ، ٽيڪسٽائل، اسٽيل ۽ روزاني استعمال جون شيون شامل آهن، جن جي افغانستان ۾ وڏي گهرج آهي.ٻئي طرف، پاڪستان به افغانستان کان 60 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جون شيون درآمد ڪيون، جن ۾ ڪوئلو، روئي، ڪشمش، بصر، ٽماٽا، تلڪ، مونگ پھلي ۽ انار شامل آهن. انهن درآمدات جو مقصد رڳو پاڪستاني مارڪيٽن ۾ خوراڪ جي شين جي فراهمي بهتر بنائڻ نه، پر افغان زميندارن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ به آهي.

2025 جي پهرين ڇهن مهينن دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري مقدار لڳ ڀڳ 98 ڪروڙ ڊالر رهيو، جنهن مان پاڪستان جون برآمدات 71 ڪروڙ ۽ افغانستان جون برآمدات 27 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون. افغان واپار ۾ واڌ، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي مارڪيٽن لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. افغانستان جي معيشت پاڪستاني شين تي ڀاڙيندي آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ افغانستان هڪ اهم واپاري رستو آهي، جيڪو کيس وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين رسائي ڏئي ٿو. واپار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ 23 جولاءِ 2025 تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ ساله "ترجيحي واپاري معاھدو” (Preferential Trade Agreement) طئي ٿيو، جنهن تحت مخصوص شين تي درآمدي ٽيڪسن ۾ نمايان رعايت ڏني وئي. ان معاهدي موجب پاڪستان مان آم، ڪنور، ڪيلا ۽ پٽالن جهڙين شين تي افغانستان ۾ ڊيوٽي 60 سيڪڙو مان گهٽائي 27 سيڪڙو ڪئي وئي، جڏهن ته افغانستان مان انار، سيب، ٽماٽا ۽ انگور تي به پاڪستان ٽيڪسون گهٽايون. هي قدم ٻنهي ملڪن جي زميندارن، واپارين ۽ صارفن لاءِ خوش آئينده سمجهيو پيو وڃي.

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي ترقي به هلندڙ آهي. "UAP ريلوي ڪاريڊور” منصوبو، جيڪو ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان کي ريل ذريعي ڳنڍيندو، في الحال شروعاتي مرحلي ۾ آهي. ان منصوبي سان وچ ايشيا جون مارڪيٽون گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن سان ڳنڍجي وينديون، جيڪي هن علائقي ۾ معاشي تبديلي آڻينديون.ان پسمنظر ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تازو ئي ڪابل جو اهم دورو ڪيو، جتي هن افغان قيادت سان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ شرڪت ڪئي. ان وفد ۾ وزير ريلوي حنيف عباسي، افغانستان لاءِ پاڪستان جو خاص نمائندو محمد صادق ۽ ٻيا اهم عهديدار شامل هئا. نائب وزيراعظم ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن اخوند، پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ داخلا وزير سراج الدين حقاني سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.انهن ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن واپاري، اقتصادي، ٽرانزٽ، سيڪيورٽي، سرحدي انتظام، بنيادي ڍانچي ۽ سفارتي لاڳاپن جي بهتري تي اتفاق ڪيو. خاص طور تي UAP ريلوي منصوبو جي فزيبلٽي اسٽڊي معاهدي تي صحيحون خطي جي واپار لاءِ هڪ اهم قدم سمجهيون پيون وڃن. هي معاهدو افغانستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، جڏهن ته پاڪستان کي وچ ايشيا تائين سڌي رسائي حاصل ٿيندي.

اسحاق ڊار ۽ افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي ملاقات دوران اهو به طئي ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ سرحدي نظام بهتر ڪيو ويندو، خاص ڪري تورخم ۽ چمن جهڙن اهم بارڊر پوائنٽن تي سهولتون وڌايون وينديون. ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان جلد ئي ڪابل ۾ پنهنجو نئون سفير مقرر ڪندو، جيڪو ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اسلام آباد طالبان حڪومت سان لاڳاپن کي باقاعده مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو.پاڪستان زور ڏنو ته افغانستان سان سمورا معاملا باهمي احترام، مفاهمت ۽ سهڪار جي جذبي سان حل ڪيا ويندا. ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سرحدي تڪرار ۽ غلط فهميون واپار ۽ عوامي رابطن لاءِ نقصانڪار آهن، تنهنڪري اهي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيا ويندا.افغان پرڏيهي وزير به پاڪستاني وفد جي دوري کي ساراهيندي چيو ته افغانستان پاڪستان سان ڊگهي مدي وارا لاڳاپا چاهي ٿو. هن اها به تصديق ڪئي ته هو آگسٽ 2025 ۾ اسلام آباد جو دورو ڪندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهجي.

ويجهڙائي وارن اپائن مان صاف ظاهر آهي ته ٻئي ملڪ واپاري، سفارتي ۽ علائقائي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سنجيده آهن. جيتوڻيڪ سيڪيورٽي ۽ اعتماد جا مسئلا اڃا موجود آهن، پر موجوده حالتون ڏيکاري رهيون آهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا هڪ نئين ۽ مثبت رخ وٺي سگهن ٿا.اهو اميد ڪري سگهجي ٿو ته ٻئي ملڪ پنهنجون سرحدي تڪراريون پوئتي رکي واپار، رابطن ۽ علائقائي امن لاءِ اثرائتا قدم جاري رکندا. پاڪستان جي افغانستان ۾ شموليت ان ڳالهه جو اظهار آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، سموري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.