وفاقي وزير معين وٽو جي سنڌ حڪومت کي ڪي فور منصوبي تي وڌيڪ فنڊ ڏيڻ جي خاطري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آبي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪي فور منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مراد علي شاهه چيو ته ان منصوبي تي 86 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، وڌيڪ 78 ارب گهربل آهن، سنڌ حڪومت پراجيڪٽ لاءِ پنهنجي حصي مان هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڪراچي کي ڪي فور منصوبي سان 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، حب ڊيم مان 100 ايم ڊي جي پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ حڪومت حب ڊيم جي پراڻي چينل جي مرمت ڪئي، جڏهن ته 100 ايم جي ڊي جو نئون چينل به ٺاهيو آهي.
ملاقات ۾ واپڊا ۽ آبپاشي جي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا پاڻي فراهمي جي حوالي سان رپورٽ ٺاهيندي، جڏهن ته آر بي او ڊي جي ٽيڪنيڪل مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ به هڪ ڪميٽي جوڙي وئي.
معين وٽو وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته وزيراعظم سان ڳالهائي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.