صحت جا ماهر ٻارن جي لاءِ گهر کان ٻاهرين شين کي نقصانڪار قرار ڏيندا رهندا آهن، خاص ڪري تازو ننڍي عمر جي ٻارن ۾ وڌندڙ بيمارين کي نظر ۾ رکندي ٿيلهين واري چپس، کٺمٺڙا، فنگر چپس، دٻي واري جوس وغيره استعمال ڪرڻ کان مڪمل طور تي روڪيو ويو آهي. اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين ته اهي شيون ڪهڙي ريت نقصانڪار آهن
گهڻو لوڻ ۽ خراب چربيءَ جو استعمال (چپس ۽ فنگر فرائيز وغيره ۾)
بازاري چپس ۽ فنگر فرائيز ۾ عام طور تي انتهائي مقدار ۾ لوڻ (سوڊيم) شامل هوندو آهي، جيڪو ٻارن جي جسم لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. لوڻ جو گهڻي مقدار رت جي دٻاءَ (بلڊ پريشر) کي وڌائي ٿو ۽ گردن تي دٻاءُ وڌائي، سندن ڪم کي متاثر ڪري ٿو. ان سان گڏ، انهن خوراڪن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽرانس فيٽس ۽ سيچوريٽيڊ فيٽس دل جي بيمارين، ٿولهه، ۽ رت جي وهڪري سان لاڳاپيل مسئلن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. خاص ڳالهه اها آهي ته انهن شين ۾ غذائي فائدن جو مڪمل فقدان هوندو آهي.
زهريلا ڪيميڪل ۽ ڪينسر جو خطرو
چپس ۽ ٻين تيل ۾ فراءِ ٿيندڙ شين کي تيز گرميءَ تي تيار ڪرڻ وقت هڪ زهريلو ڪيميڪل ــ ايڪريلئمائيڊ (Acrylamide) ــ پيدا ٿيندو آهي. اهو هڪ خطرناڪ مادو آهي، جيڪو سائنسي تحقيقن مطابق ڪينسر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ننڍپڻ کان اهڙن زهريلي شين جي استعمال سان ٻارن جو مدافعتي نظام ڪمزور ٿيندو آهي ۽ سندن عضوا وقت کان اڳ نقصان ڀوڳڻ شروع ٿي ويندا آهن.
گهڻي کنڊ ۽ دٻي وارا جوس
بازاري جوسَ عام طور تي گهڻي کنڊ سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪي ٻارن ۾ ٿولهه، ذيابطيس، ۽ ڏندن جي بيمارين جو وڏو ڪارڻ بڻجن ٿا. کنڊ جسم ۾ انسولين جي توازن کي بگاڙي ٿي، جنهن سان ٻار ٿڪاوٽ، چڙچڙو مزاج، يا توجهه جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جوسز ۾ تازين ميون جو فائدو گهٽ ۽ هٿرادو مٺاڻ ۽ ذائقن جو نقصان گهڻو هوندو آهي.
هٿرادو رنگ، ذائقو ۽ واڌو ڪيميڪل
دٻي وارن جوسن، چپس، ۽ ٻين پروسيس ٿيل خوراڪن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿردو رنگ، خوشبو، ۽ ذائقا ٻارن جي نفسياتي ۽ جسمي صحت تي ناڪاري اثر وجهن ٿا. ڪجهه تحقيقن موجب اهي شيون ٻارن ۾ "توجهه جي کوٽ” (ADHD)، بي چين طبيعت، ۽ اليرجي جهڙن مسئلن سان ڳنڍيل آهن. ان سان گڏ، "پريسرويٽو” جهڙا ڪيميڪل گردن، جگر ۽ هاضمي واري نظام لاءِ زهريلا ثابت ٿي سگهن ٿا.
زيرو خوراڪ – توانائي ته ڏئي ٿي، پر صحت نه
چپس، فنگر فرائيز، ۽ بازاري جوسن مان جسم کي فقط خالي ڪيلوريز ملن ٿيون. اهي شيون وٽامنز، منرلز، فائبر، ۽ پروٽين کان خالي هونديون آهن، جيڪي ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهن. نتيجي طور، ٻار سولائيءَ سان ڪمزوري، مدافعتي نظام جي گهٽتائي ۽ بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا.