اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻار نه ڄڻڻ تي عورت کي حق مهر يا خرچ ڏيڻ کان انڪار غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي درخواستگذار صالح محمد تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت فيصلي ۾ لکيو ته مڙس زال تي ٻار نه ڄَڻي سگهڻ ۽ عورت نه هجڻ جو الزام هنيو هو پر ٻار نه ڄڻڻ حق مهر نه ڏيڻ يا خرچ روڪڻ جو سبب ناهي، عورتن تي ذاتي حملا عدالت ۾ برداشت نه ٿيندا.
سپريم ڪورٽ چيو ته مڙس زال کي پيڪين ڇڏي ٻي شادي ڪري ڇڏي، پهرين گهرواري جي حق مهر ۽ خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عورت جي عزت هر حال ۾ محفوظ هجڻ گهرجي.
عدالتي فيصلي ۾ لکيل آهي ته عورتن جي تذليل معاشرتي تعصب کي هٿي ڏئي ٿي، گهرواري جي ميڊيڪل رپورٽن مڙس جا سمورا الزام رد ڪيا.
سپريم ڪورٽ چيو ته عورتن جي حقن جو تحفظ عدليا جي ذميواري آهي، 10 سالن تائين عورت کي اذيت ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو.
عدالت عظميٰ ڪوڙا الزام هڻڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ تي ماتحت عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا ۽ درخواستگذار مڙس تي ڏنڊ لاڳو ڪندي ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
You might also like