مانچيسٽر(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش فاسٽ بالر ۽ ڪامينٽيٽر اسٽورٽ براڊ ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت جي بيٽنگ جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته انگلينڊ ۾ ۾ تمام گهٽ ڪرڪيٽرن کي اهڙي مُٽ ملي آهي جهڙي هر واري رشڀ پنت کي بيٽنگ لاءِ ميدان تي ايندي ملندي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
اسڪاءِ اسپورٽ طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ اسٽورٽ براڊ چيو تو ” توهان رڳو هن ( رشڀ پنت ) جي بيٽنگ ڏسڻ لاءِ پنهنجي سيٽ حاصل ڪرڻ تي پئسا خرچ ڪريو ٿا، هو واقعي شاندار آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته رشڀ پنت کي بيٽنگ ڪندو ڏسڻ شوقينن لاءِ هڪ شاندار تجربو آهي.