لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.
آءِ ايس پي آر موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري لاهور ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو، جتي انتظاميا ۽ شاگردن سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ ڪاميابي تي روشني وڌي، جنهن تي شاگردن پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
شاگردن کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فتح ۾ عوام، خاص طور نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو، ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ هيو، آهي ۽ رهندو.
هن چيو ته بلوچ عوام پاڪستان سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن ۾ جڙيل آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان ۽ پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.