خيبر پختونخواهه ۾ هاڻ گڊ طالبان جي به ڪا گنجائش ناهي: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي ۾ هاڻ گڊ طالبان جي به ڪا گنجائش ناهي.
آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪو طالبان جي سفارش ڪندو ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي، جيڪو شخص هٿيارن سان نظر آيو ان خلاف به ايڪشن ٿيندو، جڏهن ته ڪنهن فيڊرل فورس کي صوبي ۾ ڪارروائي جي اجازت ناهي.
هن چيو ته اسحاق ڊار ۽ محسن نقوي منهنجي صوبي جي مسئلي تي نٿا ڳالهائي سگهن، هن صوبي جا فيصلا هتي ئي ٿيندا، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري نه پئي ڪري، اسان سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، رهتون ادا ڪيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته وفاق جي ذميواري سرحدن جي حفاظت آهي، وفاقي ادارا سرحدن جي حفاظت ڪن، اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪنداسين، قبيلائي ضلعن ۾ 300 مقامي پوليس اهلڪار مقرر ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.