ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ ”مي ٽو“ مهم شروع ڪندڙ اداڪارا تنوشري دتا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ آهي، هن دفعي هن الزام هنيو آهي ته کيس پنهنجي ئي گهر ۾ هراسان ڪيو پيو وڃي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ انتهائي جذباتي انداز ۾ سڏڪا ڀَري روئي رهي آهي.
تنوشري دتا وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ماڻهو، جيڪي هوءَ گهر ۾ ملازم طور رکي ٿي، اهي ٻين طرفان موڪليل هوندا آهن، جيڪي سندس سامان چوري ڪري رهيا آهن ۽ کيس ذهني اذيت ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ”مون کي پنهنجي ئي گهر ۾ پريشان ڪيو پيو وڃي، مون پوليس کي فون ڪئي آهي، جن چيو آهي ته مان ٿاڻي ۾ وڃي باظابطا شڪايت داخل ڪرايان، سڀاڻي مان ائين ڪنديس ڇو ته منهنجي طبيعت پڻ ٺيڪ ناهي.“
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 4 کان 5 سالن کان هوءَ شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار رهي آهي، جنهن ڪري سندس صحت خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس گهر جو سڄو ڪم پاڻ ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته ڪنهن به ملازم تي اعتبار نٿي ڪري سگهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته” ڪيترا ئي سال مون کي ايترو تنگ ڪيو ويو آهي جو منهنجي طبيعت بگڙي وئي آهي، مان ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهان، منهنجو سمورو گهر بگڙيل آهي، مان نوڪرياڻي به نٿي رکي سگهان ڇو ته جيڪي به اچن ٿا، سي چوري ڪن ٿا يا عجيب حرڪتون ڪن ٿا، مان سمورو ڪم پاڻ ڪندي آهيان. ڪجهه ماڻهو گهر اچي مون کي تنگ ڪن ٿا، مهرباني ڪري ڪو منهنجي مدد ڪري.“
هڪ ٻي وڊيو ۾ تنوشري ٻڌايو ته هوءَ روزانو پنهنجي گهر ٻاهران ۽ ڇت تي رڙين جا آواز ٻڌي ٿي، جيڪي سندس ذهني حالت تي اثر وجهي رهيا آهن.“
هن چيو ته” مان 2020ع کان اهڙين آوازين ۽ در ٻاهران زوردار ڌماڪن کي منهن ڏئي رهي آهيان، مون ڪيترائي ڀيرا بلڊنگ مئنيجمينٽ وٽ شڪايت ڪئي آهي پر ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي، هاڻي مان هيڊفون لڳائي صرف هندو منتر ٻڌندي آهيان ته جيئن دماغ سامت ۾ اچي سگهي.“
اداڪاره موجب، سندس حالت ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو کيس ”Chronic Fatigue Syndrome“ ٿي ويو آهي ۽ روز اِهو گوڙ سندس ذهني صحت وڌيڪ بگاڙي رهيو آهي.