راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي ڀارتي حمايت يافتا ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ميجر ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 23 جولاءِ 2025 تي سيڪيورٽي فورسز مستونگ ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيم فتنه الهندستان جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران ٽي دهشتگرد ماريا ويا.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر زيد سليم ۽ سپاهي نظم حسين شهيد ٿي ويا.