غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ امداد جي بندش جتي خوراڪ جي سنگين کوٽ پيدا ڪئي آهي، اتي هاڻي لڳاتار گولاباري ۽ بارود سبب ماحولياتي بحران پڻ جنم ورتو آهي.
غزا ۾ خوراڪ جي سنگين کوٽ کانپوءِ لڳاتار بمبارين سبب ماحولياتي بحران پيدا ٿي ويو، مٽي ۽ پاڻي زهريلو ٿي ويو .
بلوم برگ جي رپورٽ موجب، 55 ملين ٽن ملبو، زهريلي مٽيءَ جي ڌوڙ ۽ ڌاتي آلودگي مٽي ۽ پاڻي ۾ شامل ٿي رهي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جنگ سبب علائقي ۾ ٻاڙو پاڻي، زهريلي مٽي ۽ بيماريون پکڙيندڙ ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
سوڪ فراس بازار هاڻي 2 لک ٽن ڪچري جو ڍير بڻجي ويو آهي، 45 سيڪڙو غزا شهر خالي ٿي ويو، رستا تباهه ۽ ڪچرو بي قابو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته 350 کان وڌيڪ نوان ڪچري جا ڍير 60 سيڪڙو خيمن ۽ 15 سيڪڙو پاڻيءَ جي ذريعن جي ويجهو آهن.
غزا ۾ پاڻي جي فراهمي جو واحد ذريعو آلودگي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنگ کانپوءِ روزانو 84 هزار ڪيوبڪ ميٽر سيوريج رومي سمنڊ پئي وڃي.