انصاف واري عالمي عدالت موسمياتي تبديلين جي شڪار مُلڪن لاءِ قانوني ويڙهه جا دڳ کولي ڇڏيا

هيگ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي هڪ اعليٰ عدالت تاريخي فيصلي ۾ ملڪن لاءِ موسمياتي تبديليءَ تي هڪ ٻئي خلاف ڪيس ڪرڻ جو رستو کولي ڇڏيو.
نيڌرلينڊز جي شهر هيگ ۾ قائم انصاف واري عالمي عدالت جي ججن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديليءَ جو سبب ڪير آهي، ان جي تعين ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون.
جيتوڻيڪ هن فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به ڌر کي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي، پر قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جا وسيع نتيجا نڪري سگهن ٿا.
هن فيصلي کي اهڙن ملڪن لاءِ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سست رفتاريءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.
انصاف واري عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ هي غيرمعمولي ڪيس 2019ع ۾ پئسفڪ سمنڊ ( بحر الڪاحل) جي هيٺائين ٻيٽن سان واسطو رکندڙ نوجوان شاگردن جي هڪ گروپ طرفان داخل ڪيو ويو هو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ٽونگا سان تعلق رکندڙ هڪ شاگرد سيوسيوا وڪوني فيصلي وقت هيگ ۾ موجود هو.
فيصلي کانپوءِ هن چيو” مان پنهنجا احساس لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان، هيءَ اهڙي سوڀ آهي جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون ٿا.“
پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽ وانواتو جي رهواسي فلورا وانو چيو ته ”انصاف واري عالمي عدالت اهو تسليم ڪيو آهي ته اسان جنهن نموني زندگي گهاري رهيا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ اسان جو اهو حق آهي ته صحتمند ماحول ۾ ساهه کڻي سگهون ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون.“
ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيلن پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪم ايندڙ هفتي کان شروع ٿي ويندو.
واضح رهي ته ڪيترن ئي غريب ملڪن مايوسيءَ سبب هن ڪيس جي حمايت ڪئي هئي ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته ترقي يافته ملڪ وڌندڙ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا واعدا پاڙڻ ناڪام رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.