لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ٽيم ايندڙ سال آگسٽ ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندي جنهن دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 19 آگسٽ تي ليڊز ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 27 آگسٽ کان لارڊز ۽ ٽِين ٽيسٽ 9 سپٽيمبر کان ايجبسٽن ۾ کيڏي ويندي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ2025-27 جو حصو آهي.