9 مئي بابت عدالتي فيصلا پي ٽي آءِ ۾ ڏار جو ڪارڻ، شاهه محمود جي بريت تي خاموشي سواليا ؟

لاهور( عمران شفقت) 9 مئي جي واقعن تي عدليه پاران جيڪي فيصلا سامهون آيا آهن، سي نه رڳو قانوني، پر سياسي ۽ جماعتي سطح تي تحريڪ انصاف لاءِ نون چئلينجن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. انهن فيصلن تحت ڪجهه اڳواڻن کي باعزت بري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين کي ڊگهيون سزائون ٻڌايون ويون آهن، جنهن سان پارٽي جي مستقبل، حڪمت عملي، ۽ اندورني صف بندي تي گهرا اثر پيا آهن۔اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ڇهن ٻين ماڻهن سان گڏ باعزت بري ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ سندن لاهور ۾ موجودگي ثابت نه ٿي سگهي. هو ان وقت ڪراچي ۾ پنهنجي عليل زال سان گڏ موجود هئا۔ عمران شفقت موجب هي فيصلو هڪ پيغام آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قانوني طور بيگناهي ثابت ڪئي آهي ته کيس سزا نه ڏني ويندي — هي عمل انڌي انتقامي ڪارروائي کان مختلف آهي۔ ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چودهري کي لاهور جي شيرپائو پل ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي جي الزامن ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔ عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي جڏهن مظاهرين لبرٽي چوڪ کان عسڪري ٽاور کي ساڙي شيرپائو پل ذريعي ڪور ڪمانڊر هائوس پهتا ته ان وقت جو ڪور ڪمانڊر لاهور جنرل سلمان فياض غني مبينا طور تي هي هدايت ڏني هئي ته "اپن کي نه روڪيو”۔ اهو ئي ڪارڻ هو  جو پهريون چيڪ پوسٽ خالي هئي ۽ مظاهرين بنا ڪنهن مزاحمت جي اڳتي وڌندا ويا۔ فيصلن جي وقتن تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته رات 11 وڳي ٻڌايل فيصلو غيرمعمولي ضرور آهي پر سپريم ڪورٽ جي هدايت تحت آگسٽ جي وچ تائين سمورا مقدما اڪلائڻ جي ڊيڊ لائن عدليه کي جلدي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔ هن ٻڌايو ته شيرپائو پل ڪيس ۾ نسبتاً نرم دفعات لاڳو ڪيون ويون  شاهه محمود قريشي جي آزادي جي باوجود پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت — جن ۾ سلمان اڪرم راجه، شيخ وقاص اڪرم، بابر اعوان ۽ بئرسٽر گوهر شامل آهن — هن فيصلي تي کلي ڪري خوشي جو اظهار نه ڪري سگهي۔ هي خاموشي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پارٽي جي اندورني قانوني ٽيم پاڻ به دفاعي حڪمت عملي مان مطمئن نه آهي۔ هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجو دفاع عدالت ۾ مضبوط طريقي سان پيش ڪرڻ بدران ميڊيا ۽ پريس ڪانفرنسن ذريعي وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان رياستي وڪيلن کي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو وقت مليو۔ هيتري تائين جو قريشي جي آزادي تي پارٽي جي طرفان ڪو به واضح يا مثبت بيان سامهون نه آيو، جيڪو هي سوال پيدا ڪري ٿو ته ڇا هي آزادي دراصل پارٽي ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش آهي يا عمران خان کي الڳ ڪرڻ جو هڪ "فارمولو”۔تجزئي موجب شاهه محمود قريشي ابتدائي ڏينهن کان ئي عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو مشورو ڏنو هو۔ هن پشاور ۾ احتجاجي پريس ڪانفرنس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ هيتري تائين جو جنرل باجوه جي مبينا ڪال روڪڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي۔ انهن واقعن مان واضح ٿئي ٿو ته پارٽي جي اندر اختلاف شديد ٿي چڪا آهن.تجزيو هي به ٻڌائي ٿو ته علي امين گنڊاپور جهڙن اڳواڻن جي سربراهيءَ ۾ ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪنهن وڏي تحريڪ جا امڪان ڪمزور آهن، ڇاڪاڻ ته ڪارڪن بيزار ۽ قيادت منتشر ٿي چڪي آهي۔ حماد اظهر جي مثال ڏني وئي جيڪا هن وقت مفرور آهن ۽ پنهنجي والد جي جنازي ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيا — جنهن کي عمران شفقت "تمام وڏي بدقسمتي” قرار ڏنو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي خميس24 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.