سنڌ حڪومت هاڻي اجرڪ ڊيزائن وارين نمبر پليٽن جي عزت به ڪرائي

اسان پهريون به ان اشوءَ تي ايڊيٽوريل لکيو هو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ گاڏين جي نمبر پليٽن تي اجرڪ جي ڊيزائن پرنٽ ڪرائي آهي ته هاڻي ان جي عزت به ڪرائي. ان کي تڪراري، نفرت انگيز ۽ بري  نظرن کان بچائڻ جي پاليسي ۽ حڪمت عملي بڻائي. پهريون ته اجرڪ جي ڊيزائن وارين نمبر پليٽن کي  ته غير ضروري طور تي استعمال ئي نه ڪجي ها پر جيڪڏهن  ڪيو ويو آهي ته انهن کي تڪراري ۽ بدنام  نه بڻائجي. ڇاڪاڻ ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت جو حصو آهي جنهن سان سنڌي قوم جي جذباتي وابستگي هوندي آهي سو جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت يا ڪا ڌر ان کي تعصب ۽ نفرت جو نشانو بڻائيندي ته ان سان يقيني طور تي سنڌي قوم جي تمام گهڻي دل آزاري به ٿيندي ۽ جذباتي ردعمل به متوقع هوندو سو هاڻي اهو ئي ٿيڻ لڳو آهي جنهن جو خطرو هو.

 هڪ ته سنڌ دشمن ۽ لساني سياسي جماعتون اجرڪ جي ڊيزائن جي نمبر پليٽن خلاف ڳالهائي رهيون آهن جنهن سان سنڌي قوم جي دل آزاري ٿي رهي آهي ۽ مٿان وري ٽريفڪ اهلڪارن هٿان انهن کي تڪراري ۽ بدنام ڪيو پيو وڃي اهو ايئن ته جنهن گاڏي يا موثر سائيڪل تي اجرڪ جي پرنٽ ٿيل نمبر پليٽ لڳل ناهي تنهن کي روڪي انهن کي چالان ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ ٽريفڪ اهلڪار چالان جي آڙ ۾ رشوت وٺڻ ۾ اونئن ئي بدنام آهي، ان جو ڪردار عوام دوست به ڪڏهن ناهي رهيو سو انهن کي سنڌ حڪومت عوام کي تنگ ڪرڻ ۽ انهن مان مان چالان جي اوٽ ۾ پيسا ڪڍڻ جو خراب ترين موقعو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري عوام اجرڪ کان الرجڪ به ٿي سگهي ٿو. گاڏين جون اهي نمبر پليٽون عام ڊيزائن واريون هجن ها ته پوءِ کڻي خير هو. انهن جو سنڌ قوم جي جذباتيت سان ڪو تعلق نه هجي ها ۽ پوءِ عوام ڄاڻي ها ۽ٽريفڪ اهلڪار پر هاڻي هي حساس معاملو ٿي ويو آهي.

 اسان پهريون به لکيو هو ته هاڻي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها اجرڪ جي ڊيزائن واري نمبر پليٽ جي عزت ڪرائي ۽ اهڙي  ڪا پاليسي جوڙي جنهن سان عام ماڻهو اجرڪ پليٽ کي خراب ۽ نفرت انگيز نظرن سان نه ڏسي پر ان کي ڏسي سنڌي قوم وانگر سندن اکيون جيڪر ٿڌيون ٿي وڃن ۽ اجرڪ پليٽ کي ڏسي سندن زبان تي دعائون اچي وڃن. اهو ڪيئن ممڪن آهي تنهن تي سوچڻ حڪومت جو ڪم آهي پر هي جيئن ته اجرڪ جي ڊيزائن جي عزت جو سوال آهي ته اسان اها تجويز پيش ڪنداسين ته عوام کي اجرڪ ڊيزائن واري نمبر پليٽ تي تنگ نه ڪيو وڃي نه ئي ان تي چالان ڪٽيو وڃي انهن کي بيهاري صرف اهو ياد ڪرايو وڃي ته اجرڪ جي پليٽ لڳرايو، اهو به ٻڌايو وڃي ته اجرڪ جي ڊيزائن جي صدقي اوهان جو چالان نٿو ڪيو وڃي. پاڻ اها به تجويز ڏني هئي ته ممڪن هجي ته حڪومت سهولت ۽ رعايتي اگهه تي اهي اجرڪ واريون پليٽون مُهيا ڪري ته اڃان به بهتر اهو ٿيندو جيڪڏهن حڪومت اجرڪ جي ڊيزائن واريون اهي پليٽون مفت ۾ عوام کي مُهيا ڪرڻ جو ڪو انتظام ڪري ته جيئن عوام تي اجرڪ جي ديزائن وارين پليٽن کي ڏسي اکيون ٿڌيون ٿين بجاءِ ان جي ته اکين ۾ رت ٽهڪڻ لڳي.

 پهريون ته اهي رپورٽون هيون ته ٽريفڪ اهلڪار اجرڪ واريون نمبر پليٽون نه هئڻ ڪري ماڻهن جو گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون به ضبط پيا ڪن پر هاڻي ان ۾ 14 آگسٽ تائين جي مهلت ڏني وئي آهي پر چالان واريون رپورٽون  لاڳيتو اچي رهيون آهن. اها به خبر رپورٽ ٿي آهي ته چالان وگهي هڪ همراهه پنهنجي موٽر سائيڪل کي احتجاج طور  ساڙي ڇڏيو. ممڪن آهي ته  اهو افواهه هجي پر اهڙو ردعمل به ڪو اڻ ٿيڻو ناهي غريب عوام هونئن ئي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ گپيل آهي ۽  وري نئين نمبر پليٽ جي چالان کي به جيڪڏهن منهن ڏيندو ۽ اهو چالان وري جيڪڏهن بي عزتي ۽ تذليل جي شڪل ۾ وصول ڪيو ويندو ته چڙ ۽ احتجاج جو پارو ان سطح تائين چڙهي سگهي ٿو. تنهن ڪري حڪومت کي ڪوبه اهڙو فيصلو جيڪو سڌو سنئون غريب عوام کي تڪليف پهچائي يا ان جي کيسي تي بار بڻجي تنهن تي سئو ڀيرا سوچڻ گهرجي ۽ ان فيصلي جي ممڪن ردعمل جو ٿڌائپ سان جائزو وٺڻ گهرجي. ٻيو ته ڪنهن به فيصلي جي ٽائمنگ کي ڏسبو آهي. هڪ پاسي وفاقي حڪومت لاڳيتو ٽيون ڀيرو پيٽروليم جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن تي عوامي سطح تي تاءُ ۽ ڪروڌ آهي مٿان وري نمبر پليٽن جي چالانن سان صبر جو پئمانو لبريز ٿيڻ جو انديشو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ها. اهڙي فيصلي کي ٽاري به سگهجي پيو يا ڪنهن مناسب وقت تي متعارف ڪرائجي ها.

 پر هاڻي به ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. اجرڪ جي پليٽن تي چالان نه ڪرڻ جو ٽريفڪ ٽريفڪ کاتي کي حڪم ڏنو وڃي يا ڪو رعايتي پيڪيج متعارف ڪرائڻ گهرجي. مطلب ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اجرڪ جي ڊيزائن واريون پليٽون نه تڪراري بڻجن نه ئي نفرت ۽ تعصب جو عنوان بڻجن. اهڙي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جنهن سان اجرڪ  جي ڊيزائن واري پليٽ جي عزت ۾ اضافو ٿئي ۽ عوام ان کي ڏسي خوش ٿئي ڪو رليف محسوس ڪري. جيڪڏهن اهو سڀ نه ٿا ڪري سگهو ته مهرباني ڪري نمبر پليٽن تان اجرڪ جي ڊيزائن واري پرنٽ ختم ڪري ڇڏيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.