تربيلا ڊيم 80 سيڪڙو ڀرجي ويو، سنڌوءَ ۾ گڊو ۽ سکر وٽ وهڪرن ۾ واڌ

سکر(رپورٽ:سيد نعيم شاھ) سنڌو درياءُ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ريلن جي آمد شروع ٿي وئي آهي، جنهن سبب گڊو ۽ سکر بئراج تي پاڻيءَ جي سطح ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي . جنهن ۾ گڊو بئراج وچين درجي جو ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي درجي جو چاڙهه يو پر گذريل ڪجھ ڏينهن کان ملڪ جي مٿاھين علائقن ۾ برساتن سبب ايندڙ پاڻي جي ڪري گڊو بئراج واٽ پاڻي جي سطح 3 لک ڪيوسڪ تي پهچي وئي آهي. جڏهن ته سکر بئراج تي پڻ پاڻيءَ جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ هن وقت سکر بئراج واٽ  هڪ لک 88هزار ڪيوسڪ پاڻي ٿي ويو آهي جڏهن ته سکر بئراج مان هڪ لک 36هزار ڪيوسڪ پاڻي پڻ ڪوٽڙي بئراج لاء ڇڏيو ويو آهي ويو آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پڻ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته آبپاشي کاتو جي بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ درياءُ جا بند مضبوط ڪرڻ بجاء پنهنجو پيٽ ڀريندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.