ڪراچيءَ ۾ ٽرام ته پري، اڄ گهربل بسون به ناهن!

لاهور(م ڊ) ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وقت ٽرام هلندي هئي، پر اڄ ڪراچيءَ ۾ گهربل تعداد ۾ بسون به موجود ناهن، جڏهن ته لاهور ۾ اورنج ٽرين سروس جي ترجمان اليڪٽرڪ ٽرام هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اها ٽرام  چين مان لاهور پهچي وئي آهي، جيڪا شروعاتي طور تي ڪينال روڊ تي هلائي ويندي، اها ٽرام 3 باڪسز تي مشتمل آهي، جيڪا مڪمل طور تي بجلي تي هلندي، رپورٽ موجب، 10 منٽ چارج ڪرڻ کان پوءِ اليڪٽرڪ ٽرام 25 کان 27 ڪلوميٽر هلڻ جي سگهه رکي ٿي، ۽ ان ۾ 250 ماڻهن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.