”آڪڙ ڪندڙن کي سچ ناهي وڻندو، جڙتو سينيئرن کي اهميت نه ڏيو“ عروا جو عليزي کي مشورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عروا حسين، اداڪارا عليزي شاهه جي سوشل ميڊيا تي وڊيوز شيئر ٿيڻ کانپوءِ سندس حمايت ڪندي صلاح ڏني آهي ته هوءَ جڙتو سينيئر اداڪارن کي اهميت نه ڏئي، مضبوط ۽ ثابت قدم رهي، ڇو ته ڪو به سندس ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهي.
عليزي شاهه هڪ ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي ڪيئي وڊيوز شيئر ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته سينيئر اداڪارن نه رڳو سندس، پر سندس ماءُ سان به اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ننڍي عمر سبب هوءَ ماءُ کي شوٽنگ تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي هئي، جتي سينيئر اداڪار کيس اي سي واري ڪمري کان ٻاهر ويهڻ جو چوندا هئا.
اداڪارا موجب، اهو به چيو ويندو هو ته ڪمري ۾ جاءِ ناهي، ڪجهھ سينيئر مرد اداڪار ته ميڪ اپ روم ۾ پنهنجو پگهر به سندس منهن تي اڇلائيندا هئا.
جيئن ته عليزي شاهه ڪنهن جو نالو نه کنيو، پر سينيئر اداڪارن جي اڍنگي روين جي شڪايت ڪئي.
سندس وڊيوز کانپوءِ عروا حسين هڪ پوسٽ ذريعي سندس حمايت ڪندي چيو ته عليزي شاهه مضبوط ۽ ثابت قدم رهي، ڪنهن به نام نهاد سينيئر جي ڳالهين کي اهميت نه ڏئي.
عروا حسين انسٽاگرام اسٽوريءَ ۾ عليزي شاهه جي بهادري جي واکاڻ ڪندي لکيو ته هوءَ سندس ڳالهه ۽ احساس سمجهي ٿي، عليزي شاهه بهادر آهي ۽ اهڙيءَ طرح بهادر رهي.
عروا حسين صلاح ڏني ته اهڙن سينيئرن جي ڳالهين کي نظرانداز ڪيو، جن جي تمام گهڻي آڪڙ آهي، سچائي هميشه ڪرپٽ ماڻهن کي کُٽندي آهي، پر قسمت پنهنجي انداز ۾ سڀ ڪجهه واپس آڻي ٿي، تنهنڪري هوءَ مضبوط ۽ ثابت قدم رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.