بلوچستان هاءِ ڪورٽ جوڙي جي قتل جو نوٽيس ورتو، قبيلي جي سردار سميت 20 گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ پسند جي شادي تي قتل جو چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺندي  قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پسند جي شادي تي قتل ڪيل جوڙي جي واقعي ۾ مرڪزي جوابدار بشير احمد سميت 20 ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ ساتڪزئي قبيلي جو سردار شيرباز ساتڪزئي، سندس 4 ڀائر ۽ 2 محافظ به شامل آهن. واقعي جو ڪيس هنه اوڙڪ ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته عدالت سردار شيرباز ساتڪزئي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي. عيدالاضحيٰ کان ٽي ڏينهن اڳ ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي ڊيگاري ۾ قتل ٿيل جوڙي، بانو ستاڪزئي ۽ احسان الله سمالاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو. ڪوئيٽا پوليس ڪيس کي وڌيڪ جاچ لاءِ "سيئريئس ڪرائيمز انويسٽيگيشن ونگ” حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت، ڪوئٽا جي دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت جي جج محمد مبين، قتل جي ڪيس ۾ نامزد قبيلي جي سردار شيرباز ساتڪزئي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو، شيرباز ستڪزئي کي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان کان اڳ، بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي انصاف مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ "ايڪس” تي بيان جاري ڪيو ته "واقعي ۾ ملوث سڀ جوابدارن کي قانون آهر سزا ڏني ويندي، رياست مظلوم سان گڏ بيٺل آهي. ايس ايڇ او نويد اختر ٻڌايو ته هو پوليس اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ ڊيگاري پهتا، جتي معلوم ٿيو ته هي واقعو عيد کان ٽي ڏينهن اڳ پيش آيو هو. فريادي موجب، بانو بي بي ۽ احسان الله کي ڪارڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو. واقعي ۾ مبينا طور تي شاه وزير، جلال، ٽڪري منير، بختيار، ملڪ امير، عجب خان، جان محمد، بشير احمد ۽ 15 اڻڄاتل ماڻهو شامل هئا. چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا ويجهو واقع علائقي ڊيگاري ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي بانو ساتڪزئي ۽ احسان الله سمالاني جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) بلوچستان کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 13، اختر شاهه مقتولا بانو ساتڪزئي جي قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڊيگاري علائقي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ مقتولا جي قبر ڪشائي ڪئي وئي.  ياد رهي ته عيدالاضحيٰ کان ٽي ڏينهن اڳ ڪوئٽه جي ڀر واري علائقي ڊيگاري ۾ بانو ستڪزئي ۽ احسان الله سمالاني کي پسند جي شادي ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو هو. واقعي جي وڊيو گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن کان پوءِ بلوچستان جي وڏي وزير سردار سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن تي پوليس فوري ڪاروائي ڪئي. واقعي جو ڪيس هنه اوڙڪ ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس مرڪزي جوابدار بشير احمد، ساتڪزئي قبيلي جي سردار شيرباز ساتڪزئي، سندس 4 ڀائرن ۽ 2 محافظن سميت 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.