قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جِي نثرنگاري

تحرير: ياسر قاضي

سڀاڻي، 23 جُولاءِ تي سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعرَ، اديب، صحافي، تعليمي ماهرَ، استاد ۽ سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي 36هين ورسي آهي. قاضي صاحب 17 ڊسمبر 1917ع تي ضلعي جيڪب آباد جي شهر ٺُلَ ۾ جنم ورتو ۽ 23 جولاءِ 1989ع تي مڪي پاڪ ۾ حجِ بيت الله جي ادائگيءَ دؤران هن جهان مان موڪلايو ۽ مڪي پاڪ ۾ ’جنت المعليٰ‘ جي قبرستان ۾ آرامي ٿيا. سندن سڄِي ڄمار ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر رتيديري ۾ علم جُون ڏياٽيون روشن ڪندي گذرِي.

قاضي عبدالحيّ ”قائل“، سنڌي روايتي شاعريءَ واري دؤرَ جي هڪ اهم شاعر جي حيثيت سان ته پنهنجي واضح سُڃاڻپ رکن ٿا، جن جي شاعري پنهنجي سخن جي استادَ، سرشار عقيليءَ جي اسلوب جي اثر هيٺ فصاحت ۽ بلاغت سان گڏوگڏ سلاست سان به ڀرپور هئي، پر سندن نثر به اعليٰ پائي جو هو. هُو شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد جي نسبت پنهنجي تخلص ”قائل“ سان گڏ لفظ ”سرشاري“ جو اضافو ڪري پڻ لکندا هئا. نثر ۾ قاضي صاحب بنيادي طور مضمون نويس هئا، پر اخباري ڪالم ۽ مزاحيه لکڻين جي حوالي سان به هنن جڏهن جڏهن قلم کنيو، نهايت ڀرپور انداز ۾ کنيو.

هنن ڪهڙن موضوعن تي نثر ۾ لکيو، ان حوالي سان قاضي منظر حيات، قاضي ”قائل“ صاحب جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي لکيل پنهنجي مونوگراف ۾ سندن نثرنويسيءَ متعلق لکي ٿو: ”اصلاحي قسم جي مضمونن ۾ مختصر معلوماتي سلسلن کانسواءِ تاريخي، نيم تاريخي ۽ سوانحي خاڪن ۾ هن (قائل صاحب) ڪيترائي اثرائتا نقش چٽيا آهن. سندس ذهني تخليقي قوّت جو ان وقت شديد احساس ٿئي ٿو، جڏهن بظاهر مزاحيه ۽ تفريحي تحريرن ۾ لڪل انيڪ معاشي ۽ سماجي مسئلن کي نروار ڪرڻ سان گڏ ماحول ۾ ڦهليل برائيءَ جا پهلو پڻ اجاگر ٿيندي نظر اچن ٿا.“ (ڪتاب: ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ ــ ص: 93)

اچو ته هن مختصر ليک ۾ اسان سندن مضمون نگاريءَ جا ڪجھه عڪسَ پَسون، جيڪي سندن نثري پختگيءَ جا ساکي آهن.

”ڪوهه نور جي حقيقت“ نالي پنهنجي مختصر تحقيقي مضمون ۾ قاضي ”قائل“ لکي ٿو:

”ڪوهه نور جو هِيرو اصل سنه 1550ع ۾ گوداوري نديءَ تان ڪنهن شخص لڌو هو، جتان ڪنهن رِيت شاهجهان بادشاهه کي هٿ لڳو. شاهجهان جي مرڻ بعد اورنگزيب کي هٿ آيو. جنهن کانپوءِ سندس پونين جي هٿ ۾ رهيو. جتان ايران جي بادشاهه کي مليو. پوءِ جڏهن شاهه شجاع کي ڀاڻس دوست محمّد تخت تان لاٿو ٿي، تڏهن هن راجا رنجيت سنگھه کي ”ڪوهه نور“ هيرو ڏئي ان جي عيوض مدد ورتي. آخر جڏهن سنه 1849ع ۾ انگريزن سِکَن کان (مُلڪ) پنجاب ورتو، تڏهن اهو هيرو انگريزن جي هٿ آيو.

انهيءَ هيري جي اصل تورَ 900 قيراط هئي، پر پوءِ هن کي ائمسٽرڊم ۾ گَھڙي، لَسو ڪري، سندس تورَ 123 قيراط ڪئي اٿن.“  (شايع: هفتيوار ”هاري“ اخبار رتوديرو ــ 27 سيپٽمبر 1976ع)

پنهنجي لکيل هڪ شخصي خاڪي ”باباءِ سنڌ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“ ۾ ”قائل“ صاحب رقم طراز آهي:

”جڏهن حيدر بخش جتوئي هارين ڪڙمين جو اڳواڻ بڻجي ميدانِ عمل ۾ آيو ۽ شهيد شاهه عنايت جي پيچري جو پانڌيئڙو ٿيو، تڏهن وڏيرا، ڀوتارَ ۽ سرمائيدارَ، ڪامريڊ جا دشمن بڻجي پيا. ڪامريڊَ جا انقلابي شعرَ سندن سيني ۾ بڙڇيون ۽ ڀالا بڻجي کُپڻ لڳا. هر طرف کان هن مردِ مجاهد تي مخالفتي تِيرَ مِينهن جيان وَسڻ لڳا. مٿس ڪفر جُون فتوائون اچڻ لڳيون. هر طرف کان جيل جا دروازا کلي ويا. ڪامريڊ ڪڏهن ڪوئيٽه جو، ڪڏهن ڪيلمپور جو قيدي ٿي بڻيو، ته ڪڏهن لال قلعي لاهور جو باندي. جيل ۾ تڪليفن ۽ لالچن جي زور تي هن هالار کي جُھڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر عزم ۽ استقلال جو پهاڙ ڪٿي ٿو ڪُوڙين ڌمڪين ۽ لالچُن سان پنهنجي حقيقي مقصدَ تان هٿ کڻي. هي غريبن جو پروانو ۽ هارين جو هڏڏوکي سِرُ تريءَ تي رکيو، صبر سان سُور ۽ سختيون سهندو ۽ مسڪرائيندو رهيو.“ (شايع: روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ــ 21 مئي 1979ع)

قاضي صاحب مضمونن ۽ ڪالمن سان گڏ ”ڪالم ڪهاڻيون“ به لکيون. ”مغل شهزادو بيوسيءَ جي عالم ۾ (هڪ حقيقت ــ هڪ افسانو)“ جي عنوان سان لکيل سندن هڪ اهڙي ئي ڪالم ڪهاڻيءَ ۾ سندن نثر جو اسلوب ڏسو:

”اهو ڏکن ۽ قسمت جو ستايل آخرين تاجدار بادشاهه جو پوٽو ’مرزا قمر‘ هو، جنهن جي ولادت تي ان ڏينهن جشن ٿيا. سرڪاري خزانن جا دروازا کُلي ويا. غريبن غُربن فقيرن پئي خُوب کاڌو. جوانيءَ ۾ کيس ’مرزا قمر سلطان بهادر‘ ڪري سڏيندا هئا. ڏاڍي لاڏَ ڪوڏَ سان شهزادن وانگر پليو. سندس قمانداريءَ ۽ خدمت لاءِ ڪيئي خادم هئا. سندس پرورش جو خاص خيال رکيو ويندو هو. سندس حڪم جي پورائي ۾ دير نه ٿيندي هئي. مگر افسوس! ’هڪُ سِجُ، ٻه پاڇا!‘ 1857ع واري بَلوي ۾ سندس ڏاڏي بهادر شاهه ظفر کي همايون جي مقبري مان گرفتار ڪيو ويو. اهي بادشاهه ۽ شهزادا دربدر خاڪ بسر، جسم ڍڪڻ لاءِ پريشان هئا. سِر بچائڻ لاءِ حيران هئا. مرزا قمر به جَھنگ مُنهن ڪيو. سُورن جو ستايل شهزادو بيوس بڻجي پِني کائڻ لڳو.“ (شايع: روزاني ”سنڌ نيُوز“ حيدرآباد ــ 9 جُون 1984ع)  ”قائل“ صاحب هڪ عام جانور اُٺَ تي ”صفينهء صحرا يا خشڪيءَ جو ٻيڙو“ جي عنوان سان هڪ اهڙو ڀرپور تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ شامل معلومات کي ڪنهن به جامع انسائيڪلوپيڊيا ۾ هن جاندار متعلق هڪ مڪمل انٽريءَ جي طور تي جڳهه ڏئي سگھجي ٿي، جنهن ۾ هن مقامي اُٺَ جي مکيه قسمن (ڍاٽِي، لاڙِي، مڪرانِي، بسر ۽ بغدِي)، جنس ۽ عمر جي لحاظ کان اُٺَ جي نالن، ان جي رنگن، عادتن ۽ خصلتن، اُٺَ جي دشمنن، اُٺَ جي بيمارين ۽ انهن جي علاجَ (جنهن ۾ هن اُٺَ جي لڳ ڀڳ 16 بيمارين جي نالن، علامتن ۽ انهن جي علاج جو ذڪر ڪيو آهي) ۽ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جي ذڪرَ سميت هن جانور متعلق هر پهلوءَ کي شامل ڪيو آهي.

هلندڙ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.