دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جي سالياني اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ 2027، 2029 ۽ 2031 جي فائنلز جي ميزباني انگلينڊ ڪندو.
آءِ سي سي موجب، انگلينڊ کي ميزباني گذريل ڊبليو ٽي سي فائنلز ڪاميابي سان ڪرائڻ جي بنياد تي ڏني وئي.
پڌرائي موجب، اجلاس ۾ بي گهر افغان وومين ڪرڪيٽرز جي مدد بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
آءِ سي سي چيو آهي ته آءِ سي سي وومين ورلڊڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ افغان وومين ڪرڪيٽرز جي شموليت ذريعي کين سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.
آءِ سي سي يو ايس اي ڪرڪيٽ تي پنهنجي گذريل موقف کي ورجائيندي ٽن مهينن جو وقت ڏنو آهي، جنهن دوران بورڊ کي انتظامي سڌارا ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون.
فرانس، هانگ ڪانگ ۽ ڪئناڊا ڪرڪيٽ کي آءِ سي سي چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ ايسوسيئيٽ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻه نوان ايسوسيئيٽ ميمبر اولهه تيمور ۽ زيمبيا آءِ سي سي فيمليءَ جو حصو بڻجي ويا آهن.
نون ميمبرن جي شموليت کانپوءِ آءِ سي سي ميمبر ملڪن جو انگ 110 ٿي ويو آهي.
Prev Post
You might also like