سنڌ حڪومت ٻڌائي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ هٿيار ڪيئن پهچن ٿا؟هندو واپاري اغوا پيا ٿين:حافظ نعيم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته کنڊ مافيا،مهانگي بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ چوٿين ظالماڻي واڌ خلاف آچر 20 جولاءِ تي اسلام آباد ۽ سڀني ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. 25 جولاءِ تي "حق ڏيو بلوچستان” تحريڪ تحت ڪوئيٽا کان لانگ مارچ شروع ٿيندو.ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڀ پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿين ٿا، سڀ گڏجي فيصلو ڪن ٿا ته اسان جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي،حڪومت بجلي جي قيمت ۾ 7.41 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو، پر حڪومت قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ان ۾ گهٽتائي نه ڪئي. حڪومت هر هفتي پيٽرول جي قيمت وڌائي رهي آهي، هن چيو ته ايف بي آر 1300 ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي ۽ واپارين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ ظالمانه فيصلو آهي. حافظ نعيم الرحمان کنڊ مافيا تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي 89 شگر ملن مان 90 سيڪڙو مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جهانگير ترين جهڙن طاقتور ماڻهن جي ڪنٽرول ۾ آهن. شگر ملن جون ڊيلرشپ ڪجهه غير رجسٽرڊ ماڻهن جي هٿن ۾ آهن. کنڊ جي قيمت 140 کان 200 رپيا في ڪلوگرام تائين وڌي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ هٿيارن جي فراهمي، اقليتن جي اغوا ۽ پيپلز پارٽي جي نااهلي تي به سوال اٿن ٿا هن چيو ته پيپلز پارٽي وضاحت ڪري ته سنڌ جي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ هٿيار ڪيئن پهتا، سنڌ ۾ اقليتي واپاري اغوا ٿين ٿا، ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪٿي آهي؟

شهريار مهر پاران ٽن ضلعن ۾ آپريشن جو مطالبو

مدئجي(عوامي آواز نيوز)پ پ ايم اين اي شهريار مهر شڪارپور،ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ خاص فورس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،مدئجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي ٻڌايو هو ته شڪارپور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال خراب آهي،آپريشن شروع ڪيو وڃي،اسان امن امان لاءِ ٽنهي ضلعن اندر سخت آپريشن چاهيون ٿا  ،وفاقي اختيارن جا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.