پاڪ ايئر فورس جي جهازن ڪيئي عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪ ايئر فورس جي جهازن ”رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو شو“ ۾ عالمي اعزاز ماڻي ورتا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو شو”رائل ايئر فورس فيئر فورڊ“ ۾ ٿيو، جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏن ۽ معتبر فوجي ايئر شوز منجهان هڪ سمجھيو ويندو آهي.
هن شو ۾ 30 ملڪن حصو ورتو، پر پاڪستان جو جي ايف-17 جهاز سڀ کان نمايان ۽ خاص رهيو.
جي ايف-17 جهاز شو ۾ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪندي ”اسپرٽ آف دي ميٽ“ ٽرافي پڻ پنهنجي نالي ڪئي.
ان کانسواءِ پاڪ ايئرفورس جي سي-130 جهاز به پهرين پوزيشن ماڻي، جنهن کي بهترين مجموعي نمائش ۽ پيشڪش تي ”Concours d’Elegance“ايوارڊ سان نوازيو ويو.
هي جهاز پاڪستان جي سڃاڻپ شاهين جي ٽيٽو سان سينگاريل هو، جنهن جي بهادري ۽ عقابي اکيون ڏسي دشمن وائڙو ٿي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.