ڪراچي(رپورٽر)اداڪارا حميرا اصغر جي لاش جي ڪيميڪل رپورٽ ۾ موت جي وجه سامهون اچي وئي، اداڪارا حميرا اصغر جيلاش مان ورتل نمونن جي ڪيميڪل جاچ رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن ۾ هن جي موت کي قدرتي قرار ڏنو ويو آهي، ڪراچي جي ڊفينس ۾ فليٽ مان مرده ملندڙ ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر جي پوسٽ مارٽم دوران لاش مان مختلف نمونا ورتا ويا هئا، پوليس ذريعن موجب، اهي ڪيميڪل رپورٽون موصول ٿي ويون آهن، جن مطابق اداڪارا جي موت ڪنهن به غيرقدرتي سبب نه پر طبي عملن جو نتيجو آهي، پوليس مطابق، پوسٽ مارٽم دوران مختلف ٽيسٽن لاءِ ورتل نمونا ڪراچي يونيورسٽي جي فرانزڪ ليبارٽري موڪليا ويا هئا، جتي ڪجهه رپورٽون اڃا جاري ٿيڻيون آهن.