ڪراچي ۾ 41 خطرناڪ عمارتون خالي ڪرايون،ڪِيرائڻ لاءِ وسيلا ناهن:سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر)مڪاني کاتي جي صوبائي وزيرسعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ خطرناڪ قرار ڏنل 41 عمارتونخالي ڪرايون ويون آهن، پر حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناهن جو اهي عمارتون فوري طور تي ڊاهي سگهجن، سعيد غني ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 41 عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن، جن مان ڪجهه ڊاٽيون به ويون آهن، جن عمارتن کي خالي ڪرايو ويو، انهن جي رهواسين کي 3 مهينن جو ڪرایو ڏنو ويندو، سعيد غني وڌيڪ چيو ته عمارتون خالي ڪرائڻ ڏکيو عمل آهي ۽ مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، جڏهن ⁠ته ايترا وسيلا ناهن جو انهن کي فوري طور تي ڊاهي سگهجي، هن چيو ته تعميراتي ادارن جي تنظيم آباد ۽ انجنيئرنگ ڪائونسل سان گڏجي ڊگهي مدي وارو لائحه عمل تيار ڪيو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن عدالتي حڪمن سبب به مشڪلاتون ٿين ٿيون، ڇو⁠ته غيرقانوني تعميرن خلاف عدالتون حڪم جاري ڪري ڇڏين ٿيون، سعيد غني واضح ڪيو ته لياقت ۾ جيڪا عمارت جي ڇت ڪري پئي، اها انهن خطرناڪ عمارتن ۾ شامل نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.