نوابشاهه(ڊ ر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه ۾ 80 ڪروڙ فنڊن جي گهوبين جي ڪيس ۾ قائدعوام يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر فنانس گرفتار ڪيو ويو آهي، 4 پروفيسرن سميت 7 جوابدار فرار قرار ڏنا ويا آهن.ڪرپشن بابت ايف آئي آر به داخل ڪئي وئي آهي. قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائين ۽ ٽيڪنالاجي نوابشاھ ۾ ايف آئي اي سرڪل شهيد بينظير آباد ڇاپو هڻي يونيورسٽي جي ڊئريڪٽر فنانس قمر دين شيخ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 7 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فرار جوابدار ۾ 4 پروفيسر به شامل آهن جن ۾ پروفيسر عدنان آرائين، پروفيسر پرديپ ڪمار هيراڻي، پروفيسر عبدالناصر لغاري، پروفيسر نديم سومرو شامل آهن جڏهن ته اظهر علي، سيد منصور علي شاهه به ايف آئي آر ۾ نامزد ٿيل آهن، جڏهن ته ايف آئي اي سرڪل نوابشاھ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران يونيورسٽي کي 80 ڪروڙ فنڊ جاري ڪيو ويو هو ان فنڊ ۾ خرد برد ٿيڻ ڪري ڪاروائي ڪئي آهي، يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ هن وقت ايف آئي اي جي حراست ۾ آهي ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا جاري آهن جن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته گرفتار ۽ فرار جوابدارن تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.عدنان آرائين سافٽ ويئر انجنيئر، ٽيلي ڪميونيڪيشن جو سربراهه، نديم سومرو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ قائد عوام ۾ به ميمبر آهي. هيڪ پاران ڏنل شاگردن جي فنڊن ۾ 52 ايئر ڪنڊيشنون، 200 ڪمپيوٽر ۽ 39 پرنٽر خريد ڪري ان ۾ بدعنواني ڪئي آهي. يونيورسٽي جو وي سي سليم حيدر موڪل تي ويل آهي، ان 14 جولاءِ تي چارج وٺڻ بدران پرووائيس چانسلر داڪٽر زاهد ابڙو کي 17 جولاءِ تائين چارج ڏني، هان يونيورسٽي بنا وي سي جي هلي رهي آهي. سامان ڏينددڙ ڪمپنين جي مالڪن اسرار ۽ سيد منصور تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.