مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي مختلف علائقن ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ قائم مقام ڊي ايس پي سميت ٻه سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا.
برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي مستونگ پوليس جي ڊي ايس پي محمد يونس مگسي ٻڌايو ته بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار هڪ گاڏي ۾ قلات کان ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا، رستي سندن گاڏيءَ مٿان ڇُتُو علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري ڏنو.
سندس چوڻ هو ته ته حملي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جو قائم مقام ڊي ايس پي عبدالرازق سميت ٻه اهلڪار مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. زخمين کي مستونگ ۾ طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته حملي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.
هن واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جا واقعا امن دشمنن جي مايوسيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته حملي جي باظابطا جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
ٻئي پاسي مستونگ ۾ ئي ڪَردگاپ واري علائقي جي سربند ۾ به اڻڄاتل هٿياربندن ليويز فورس جي هڪ چوڪيءَ تي حملو ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فورس جا ٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.