سينيٽ چونڊن بابت گنڊاپور ۽ رٺل اڳواڻن کي پرچائڻ ۾ ناڪام، ڪاوڙيل اميدوارن جو هٿ نه کڻڻ وارو فيصلو برقرار

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ڪاوڙيل اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي سينيٽ اميدوارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هو ڪاوڙيل اڳواڻن کي پرچائن ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ رٺل اڳواڻن سينيٽ چونڊن تان هٿ نه کڻڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.
ذريعن موجب، ناراض اميدوارن ۾ عرفان سليم، عائشا بانو، ارشاد حسين ۽ وقاص اورڪزئي شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا ناراض اميدوارن جي وڏي وزير سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ ويا هئا.
ذريعن موجب، ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ رات 9 وڳي ڪاوڙيل اڳواڻن جي علي امين گنڊاپور سان ٻي ملاقات ٿيندي.
ملاقات دوران ڪاوڙيل اڳواڻن جو مؤقف هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ نامزدگي ڪاغذ واپس نه وٺندا.
ياد رهي ته گذريل رات خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊون بنا مقابلي ڪرائڻ تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اهم اڳڀرائي ٿي هئي.
ذريعن موجب، وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي ملاقات ۾ 5/6 فارمولي تي اتفاق ٿيو، جنهن تحت تحريڪ انصاف کي 6 ۽ اپوزيشن کي 5 سيٽون ملنديون، باقي اميدوار هٿ کڻي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.