آزاد ڪشمير: جيپ اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي اجل جو شڪار

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نيلم وادي جي جاگران علائقي ۾ هڪ جيپ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، هڪ خاندان جا ماڻهو ڪنڊل شاهي کان جاگران سيري وڃي رهيا هئا، حادثو بٽگران ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو.
پوليس موجب، مقامي ماڻهن لاش ٻاهر ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ ايم ڊي ايس اسپتال چمبر منتقل ڪيو ويوآهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.