بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڀارت کي شرمناڪ شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
ٿائيلينڊ ۾ جاري انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ ۾ قومي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جاري آهي، پاڪستاني شاهينن سيمي فائنل ۾ ڀارت کي بدترين شڪست ڏني.
انڊر 16 والي بال چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي 0-3 سيٽن سان شڪست ڏئي هڪ طرفي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي.
گرين شرٽس حريف ٽيم کي 16-25، 19-25 ۽ 12-25 سان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويئي، جتي هاڻي ان جو مقابلو ايران سان ٿيندو.
ان کان اڳ قومي ٽيم اِيونيٽ ۾ ناقابل شڪست رهندي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان انڊونيشيا کي 0-3 سان شڪست ڏني هئي.