عورت کي اغوا يا ڪپڙن کان آجو ڪرڻ واري جوابدار کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جو منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سينيٽ عورت کي اغوا يا سرعام ڪپڙن کان آجو ڪندڙ کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪرڻ بل منظور ڪري ورتو.
سينيٽ فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو، جنهن تحت عورت کي اغوا يا سرعام اگهاڙو ڪرڻ واري کي پناهه ڏيڻ تي موت جي سزا ختم ڪئي ويندي.
سينيٽ مان پاس ٿيل بل موجب، عورت تي مجرماڻي حملي يا ان کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪرڻ تي جوابدار کي بنا وارنٽ گرفتار ڪري سگهجي ٿو، اهو ڏوهه ناقابل ضمانت ۽ ناقابل مصالحت هوندو، جڏهن ته ڏوهاري کي عمر قيد، ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ڏنڊ جي سزا ٿيندي.
ان ڏس ۾ سينيٽر علي ظفر چيو ته عورت جا ڪپڙا لهرائڻ تي موت سزا برقرار رهڻ گهرجي، جڏهن ته سينيٽر ثمينا ممتاز چيو ته اسان عورت کي ڪمزور بڻائي رهيا آهيون، هيءَ سزا ٻاهرين ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ گهٽائي پئي وڃي.
ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته اِهو ڪيئن سوچيو ويو ته سخت سزا ڏوهه کي روڪي ٿي؟ موت جي سزا ڏيڻ سان ڏوهن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي.
اسان وٽ 100 ڏوهن ۾ موت جي سزا آهي، پر ڏوهن جي شرح وڌي رهي آهي، يورپ ۾ موت جي سزا ناهي ۽ اتي ڏوهه گهٽجي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي جي جهيڙن تي اڪثر ائين ڪيس ٺاهي ڇڏين ٿا ته عورت جا ڪپڙا لاٿا ويا، جيئن سامهون واري کي موت جي سزا ملي وڃي. شريعت موجب چئن ڏوهن کانسواءِ ڪنهن به ڏوهه تي موت جي سزا نه هئن گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.