اجرڪ واري نمبر پليٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي:آفاق احمد

ڪراچي(رپورٽر)مهاجر قومي موومينٽ (پاڪستان) جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته   اجرڪ واري نمبر پليٽ ڪنهن به صورت ۾  قبول نه آهي، سنڌ حڪومت مهاجر عوام تي زبردستي اجرڪ مڙهڻ کان باز اچي.ميڊيا سان ڳالهائيندي آفاق احمد چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي ٽريفڪ نظام بهتر بڻائڻ چاهي ٿي ته روڊن جي مرمت، ۽ هيوي ٽريفڪ لاءِ مقرر ڪيل وقتن تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي، نمبر پليٽ يا هيلمٽ جي بنياد تي عوام کان چالان ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ سراسر زيادتي آهي.هن وڌيڪ چيو ته  اجرڪ مهاجر قوم جي ثقافت نه آهي، جيئن ڪنهن سنڌي تي زبردستي شيرواني يا جناح ڪيپ مڙهڻ مناسب نه آهي، تيئن ڪنهن مهاجر تي به اجرڪ مڙهي نٿي سگهجي،آفاق احمد جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ صرف 10 سيڪڙو آبادي سنڌي آهي جڏهن ته 90 سيڪڙو غير سنڌي آهن، اهڙي صورتحال ۾ اقليت طرفان اڪثريت تي پنهنجي مرضي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش شهري ۽ ديهي ورهاست کي وڌيڪ وڌائيندي، ۽ ائين ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.هن زور ڀريو ته موٽر سائيڪل خريد وقت ئي نمبر پليٽ جا لائف ٽائيم پيسا ورتا وڃن ٿا، تنهن ڪري حڪومت جي ذميواري آهي ته نئين نمبر پليٽ مهيا ڪري. هن مطالبو ڪيو ته نئين پليٽ جي نالي تي عوام کان ٻيهر رقم نه ورتي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.