ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اُڀرندڙ اداڪارا نوري ذيشان جو چوڻ آهي ته هوءَ جنهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي، اتي جيڪڏهن ڪا ڇوڪري رڳو هڪ نظر ڇوڪري کي ڏسي وٺندي هئي تڏهن ماسترياڻي کيس سخت دڙڪا ڏيندي هئي.
نوري ذيشان جي اها مختصر وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل انٽرويو جي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيريئر سميت نوجوان فنڪارن کي پيش ايندڙ مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وڊيو ۾ نوري ذيشان چيو ته عام طور تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دل ۾ شروع ۾ ڪنهن به قسم جي غلط سوچ نه هوندي آهي، سندن هڪ ٻئي بابت خيال واضح هوندا آهن، پر جڏهن ٻيا ماڻهو مهڻا ڏين ٿا ته پوءِ سوچ خراب ٿيڻ لڳندي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو يا ڇوڪري گڏجي ڪم ڪن ٿا، ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ته انهن کي ڌار ڪرڻ يا نصيحتون ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اهڙي رويي کانپوءِ ئي انهن ۾ غلط سوچ پيدا ٿيڻ لڳندي آهي.
نوري ذيشان ٻڌايو ته هوءَ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل اسڪول ۾ پڙهي آهي، جتي هڪ مسترياڻي کي هميشه اهڙن معاملن تي اعتراض هوندو هو.
هن چيو ته جيڪڏهن اسڪول ۾ ڪا ڇوڪري ڪنهن ڇوڪري کي ڏسي وٺندي هئي ته مسترياڻي دڙڪا ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي” ڇو ڏسي رهي آهين ڇوڪري کي؟“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙين مسترياڻي کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏ پڙهڻ تي مسئلو آهي ته پوءِ گڏيل تعليم جو نظام ڇو قائم ڪيو ويو آهي؟
نوري ذيشان ٻڌايو ته اسڪول ۾ هڪ ڇوڪرو سندس بهترين دوست هو، جنهن کي هوءَ پنهنجو ڀاءُ سمجهندي هئي، سندن رشتي ۾ ڀيڻ ڀاءُ جهڙا جذبا هئا، پر ان جي باوجود ماسترياڻي مهڻا ڏيندي هئي.
اداڪارا موجب، جڏهن هوءَ پنهنجي دوست سان ويٺي هوندي هئي ته ماسترياڻي اچي چوندي هئي ته ڌار ٿي ويهو ۽ ان وقت ئي ذهن ۾ غلط خيال اچڻ شروع ٿيندا هئا.
نوري ذيشان دليل ڏيندي چيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دل ۾ پهرين ڪنهن به قسم جون غلط ڳاليهون نه هونديون آهن، بار بار مهڻا ڏيڻ ۽ نصيحتن کان پوءِ ئي هو غلط سوچڻ لڳن ٿا.