ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سُپر اسٽار سلمان خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”بيٽل آف گلوان“ کي هينئر تائين جي سڀ کان ڏکي فلم قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سلمان خان چيو آهي ته ”بيٽل آف گلوان“ سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ جسماني محنت واري فلمن منجهان هڪ آهي.
واضح رهي ته هيءَ فلم 2020ع ۾ گلوان وادي ۾ ڀارتي ۽ چيني فوج جي وچ ۾ ٿيل چڪرين تي ٻڌل آهي، جنهن جي هدايتڪاري اپوروا لاکيا ڏئي رهيو آهي.
هڪ بيان ۾ سلمان خان انڪشاف ڪيو ته فلم لاءِ هو سخت تربيت ، ڊوڙ، مارشل آرٽس ۽ ٿڌي موسم ۾ شوٽنگ جهڙن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو ۽ هي سندس فلمي زندگي جو سڀ کان ڏکيو ڪردار آهي.
ياد رهي ته ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ سلمان خان هاڻي 59 ورهين جو ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ پنهنجي بيماري بابت انڪشاف سبب ميڊيا جي سرخين ۾ رهيو هو، جڏهن ته هاڻي هن ٻيهر مضبوط واپسي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، جنهن تي سندس مداح تمام گهڻو پرجوش آهن.
You might also like