نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پنجن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ مهمان ڀارتي ٽيم 1-2 جي خساري کي منهن ڏئي رهي آهي.
ڀارت جي ٻي ٽيسٽ ۾ ناڪامي تي اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي رڪن مدن لال، ويرات ڪوهلي کان ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ مدن لال چيو ته ويرات ڪوهلي کي گهرجي ته هو رٽائرمينٽ واپس وٺي ۽ کيس نوجوان رانديگرن ۾ پنهنجو تجربو منتقل ڪرڻ گهرجي.
اڳوڻي آل رائونڊر وڌيڪ چيو ته ”ويرات ڪوهلي جو جذبو ڀارتي ڪرڪيٽ لاءِ بي مثال رهيو آهي، منهنجي خواهش آهي ته هو رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسسي ڪري، ان ۾ شرمساري جي ڪا به ڳالهه نه آهي.“
مدن لال جو چوڻ هو ته سندس خيال ۾ ويرات اڃا به هڪ يا ٻه سال ڪرڪيٽ کيڏي سگهي ٿو.
هن ويرات کي مخاطب ٿيندي چيو ”توهان اوچتو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني، اڃا گهڻو وقت ناهي گذريو، مهرباني ڪري واپس موٽي اچو.“
Next Post
You might also like