ڪراچي: لياري ۾ عمارت جي ڇِت ڪِري پئي، ٻه عورتون فوت، 4 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 6 ماڙ عمارت جي ڇِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيون.
واقعو لياري ۾ کڏا مارڪيٽ ڀرسان پيش آيو، حاجي ابراهيم منزل نالي 6 ماڙ عمارت جي ڇهين ماڙ تي ڇت جو هڪ حصو پنجين ماڙ تي اچي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجين ماڙ جو فلور به چوٿين ماڙ تي ڪري پيو.
حادثي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيون، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون اتي پهچي ويون ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته فوت ٿيندڙ ٻئي عورتون ڀيڻون آهن ۽ زخمي ٿيندڙ انهن جون ڌيئرون آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.