حڪومت ۽ فوج به شگر مافيا آڏو نٿا بيهي سگهن:شبر زيدي

لاهور (م ڊ) حڪومت پاران نومبر ۾ کنڊ درآمد ڪرڻ جي پاليسي مقامي آبادگارن لاءِ وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد حسن فواد پنهنجيبيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته  کنڊ بحران ۾ هڪ ٻيو پهلو شامل ٿيو آهي، درآمدي کنڊ نومبر جي شروعات ۾ پاڪستان پهچندي، بلڪل ان وقت جڏهن نئين ڪمند جي فصل جي خريداري شروع ٿيندي، جنهن سبب آبادگارن کي گهٽ اگهه تي ڪمند وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو.فواد حسن فواد وڌيڪ چيو ته اهو نه پڇو ته ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو، اشارو واضح آهي، ان حوالي سان اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي پڻ انتهائي اهم انڪشاف ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڀلي ڪنهن به پارٽي جي هجي، پي ٽي آءِ، ن ليگ يا پيپلزپارٽي ڪابه حڪومت شگر مافيا جي آڏو بيهڻ جي سگهه نٿي رکي. مان گارنٽي سان چوان ٿو ته فوجي به شوگر مافيا جي آڏو بيهي نٿي سگهن. شبر زيدي 24 نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ کنڊ  جي نالي تي هر دور حڪومت ۾ رانديون ٿينديون رهيون آهن. جڏهن عمران خان جي حڪومت وئي هئي، تڏهن کنڊ  جي وڌ ۾ وڌ مارڪيٽ قيمت 85 رپيا في ڪلو هئي، ۽ اڄ اها قيمت 200 رپين تائين پهچي چڪي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن کي اصل حقيقتن جو علم ناهي ته ملڪ ۾ موجود 84 شوگر ملز مان 90 سيڪڙو سياستدانن جي ملڪيت آهن. رڳو ڪجهه کي ڇڏي باقي سڀ وڏا سياسي نالا شگر ملز جا مالڪ آهن.،هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ هڪ به کنڊ جو ڊيلر رجسٽرڊ ناهي،84 ملن مان 12 يا 15 ڊيلر آهن اهي کنڊ جا بادشاهه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.