ڪراچي (رپورٽر) چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا جو قانون هلندڙ، اسپتال جو ميڊيڪل عملو ويزا تي ٻاهر هئڻ سبب باورچي کان ڊسپينسر جو ڪم وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جا ڊسپينسر، ٽيڪنيشن ۽ ٻيو عملو ويزا تي ويل آهن ۽ باقاعدگي سان پگهار پڻ وٺي رهيا آهن. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل عملي جي کوٽ سبب اسپتال انتظاميا هاڻي باورچي، فوٽوگرافر، چوڪيدارن کان ڊسپينسر جو ڪم وٺي رهيا آهن. عوامي آواز کي سماجي حلقن عوامي آواز کي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ صحت کاتي جي صورتحال خراب آهي. چانڊڪا اسپتال ۾ ڊسپينسر جو ڪم باورچي ۽ ٻين کان وٺي رهيا آهن انهن کي دوائن ۽ مقدار جي ڪا خبر نه آهي، پر اسپتال انتظاميا انهن کان وٺي ڪم هلائي رهي آهي.